ساميءَ جا چونڊ سلوڪ

ساميءَ جا چونڊ سلوڪ

ساميءَ جا چونڊ سلوڪ

ساميءَ جا چونڊ سلوڪ (ڪتاب): هي ڪتاب ديوان واڌو مل مولچند، راءِ بهادر ڪوڙي مل چندن مل جي ڪتاب/ اصل مسودي تان اخذ ڪري ترتيب ڏنو هو. ڪتاب ۾ ساميءَ جي سلوڪن کي موضوع وار ترتيب ڏئي، معنيٰ سان سمجهايو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ وشن آءِ. جڳتياڻيءَ جو لکيل آهي. ان کان سواءِ ٻيا مضمون ۽ مقالا: ’سامي جي سلوڪن جو تاتپرج‘ (رشي ڏيارام پرسرام)، ’ساميءَ جو جيون چرتر‘ (پروفيسر ڪلياڻ بي. آڏواڻي) ۽ هڪ ضخيم مقالو ’پرميشور جي پراپتيءَ جون پؤڙيون‘ (واڌو مل مولچند جو) شامل آهن. هن ڪتاب جي آخر ۾ سنسڪرت جي ڏکين لفظن جي معني پڻ ڏنل آهي، جيڪي ساميءَ جي سلوڪن ۾ استعمال ٿيل آهن. هي ڪتاب مختصر، پر ساميءَ جي زندگي، شاعري ۽ شاعراڻين خاصيتن کي سمجهڻ لاءِ نهايت ئي عمدو آهي. مسٽر واڌو مل مولچند جي وفات کانپوءِ ڪوڙيمل سنڌي ساهتيه منڊل جي سيڪريٽري، هري سندر روپچند، سنڌي شاگردن جي تعليمي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڇپائي پڌرو ڪيو.
ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 198 صفحا آهن. هي ڪتاب ٻيو ڀيرو 1946ع ۾، ڪوڙي مل سنڌي ساهتيه منڊل (سڌار سڀا، حيدرآباد، سنڌ) طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جي قيمت 4 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو